اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??لي??يا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي ??لي??يا پروگرام تحت نئين قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??لي??يا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هر سال 25 اپريل تي ??لي??يا جو عالمي ڏينهن آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ??لي??يا جي ڪنٽرول ۾ درپيش چئلينجز جو حل ڳولڻ جي لاءِ ملهاي?? وڃي ٿو. صدر چيو ته ??لي??يا جي روڪٿام، سُڃاڻپ ۽ علاج ممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت عوام کي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته عالمي ??لي??يا پروگرام تحت نئين قدمن جو مقصد ??لي??يا جي هر مشتبه ڪيس جي جانچ، تصديق ۽ ان جو معياري علاج ڪرڻ آهي. صدر چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته قومي صحت واري وزارت گڏيل يونٽ جي ذريعي ??لي??يا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون آهن. صدر چيو ته ڪامن مئنيجمينٽ يونٽ ??لي??يا هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. آصف علي زرداري چيو ته بدقسمتي سان 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ ??لي??يا جي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿيو. صدر چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي ڪري ??لي??يا جي روڪٿام جي ڪوششن کي نقصان پهتو، سموريون صوبائي حڪومتن ۽ ٻين ڌرين کان مطالبو ڪري??ن ٿو ته اهي ان ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿين. هن چيو ته سموريون ڌريون ??لي??يا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کڻن.
پاڪستان عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی