اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪ هٿياربند فوج جي ڪم??نڊر، ڪم??نڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو کي نشان پاڪستان (ملٽري) سان نوازيو. ايوان صدر ۾ پروق??ر تقريب ٿي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم من??ر، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري اعليٰ ذهانت رکندڙ آفيسر، بهترين انتظامي خوبين، بهادر ۽ پيشيواراڻي طور تي قابل آفيسر هجڻ تي نشان پاڪستان (ملٽري) جو اعزاز عطا ڪيو. اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم من??ر، ترڪيه هٿياربند فوج جي ڪم??نڊر کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته جنرل سيلڪوڪ بيراڪتار اوغل?? 1993ع ۾ آرمي وار ڪاليج ۽ 1997ع ۾ آرمڊ فورسز ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. هن پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران مختلف اسٽاف ۽ ڪم??نڊ عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس شاند??ر خدمتن ۽ ڪارنامن جي اعتراف ۾ کيس 2021ع ۾ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ آگسٽ 2023ع ۾ ترڪ لينڊ فورسز جو ڪم??نڊر مقرر ڪيو ويو.
صدر آصف علي زرداري پاران ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر، ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو کي نشان پاڪستان (ملٽري) عطا
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ