جده – 07 – آگسٽ (اي پي پي) نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي پڄاڻي واري غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحيٰ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن غزه ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب و??يراعظم سيڪريٽري جنرل سان فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ سنگين انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن جنگبندي جي فوري ضرورت ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي تي زور ڏنو. نائب و??يراعظم وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ??ي قدمن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. بيان موجب نائب و??يراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي ايلچي جي ڪشميرين جي جائز خودمختياري جي حق جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ تاريخي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ اسلامو فوبيا، امتيازي سلوڪ ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب و??يراعظم اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقرري کي پڻ ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته خصوصي ايلچي ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ جي مهم کي اڳتي وڌائيندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ