نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي لاڀائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ملاقات ۾ اسان جي گڏيل لاڳاپن جو مجموعو ڪاٿو خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ٿي، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزير??عظ?? چيو ت?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان انتهائي ڪارائتي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي مجموعي ڪاٿي خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا جو جائزو ورتو ويو. وزير??عظ?? چيو ته هن ڪويتي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ معاشي سيڙپڪاري جي لاءِ گڏجي ڪم ??رڻ جا منتظر آهيون.
ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان انتهائي لاڀائتي ملاقات رهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد