اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ?? نياڻين کي بااختيار بڻائڻ ۽ انھن کي درپيش مسئلن جي خاتمي لاءِ نياڻين ج?? عالمي ڏينھن 11 آڪٽوبر تي ملھايو ويو. ان ڏينھن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري، خانگي ۽ عورتن جي ادارن ۽ تنظيمن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويا ته جيئن عام ماڻھن کي نياڻين کي بااختيار بڻائڻ جي اھميت ۽ انھن جي درپيش مسئلن جي تدارڪ جي حوالي سان آگاھي فراھم ڪئي وڃي. نياڻين ج?? عالمي ڏينھن11 آڪٽوبر ت?? سڄي دنيا ?? ملھايو ويندو آھي. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو بنيادي مقصد نياڻين کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ تازين ڄاول نياڻين جي اھميت، طاقت ۽ صلاحيت کي تسليم ڪرڻ پڻ آھي. 19 ڊسمبر 2011ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 11 آڪٽوبر تي نياڻين جي عالمي ڏينھن طور ملھائڻ لاءِ ٺھراءُ 170/66 منظور ڪ??و ھو.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔