اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽر ڪيپٽن (ر) شا??ين خالد بٽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪ??ر طور پنهنجو?? ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. هن اداري جي آفيسرن سان اجلاس جي صدارت ڪندي موجوده عوامي ڀلائي جي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. ايم ڊي پاڪستان بيت المال سينيٽر ڪيپٽن (ر) شا??ين خالد بٽ اداري جي غريب دوست قدمن کي ساراهيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ هي ادارو وڌيڪ موثر انداز سان ملڪ مان غربت جي خاتمي ل??ءِ پنهنجو?? ذميواريون نڀائيندو. هن چيو ته ملڪ جي مشهور ۽ وڏي عوامي ڀلائي واري اداري جو سربراهه بڻجڻ منهنجي ل??ءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ هڪ اهم ذميواري آهي. وزيراعظم مون کي هي عهدو سونپي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ ۽ سڄي ملڪ جي ڏکويل ۽ محروم ماڻهن جي بي لوث خدمت ل??ءِ پرعزم آهيان.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس