روم – 11 مارچ (اي پي پي) عيسائين جي روحاني پ??شو?? ۽ ويٽيڪن جي سربراهه پوپ فرانسس چيو آهي، ته ترڪيه جي ٽياڪڙي جي آڇ تي يوڪرين ڳالهين لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري. تر?? خابرو اداري مطابق پوپ فرانسس سوئس ريڊيو ۽ ٽيليويزن کي انٽرويو ڏيندي چيو ته يوڪرين کي حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي پنهنجي ماڻهن جي تحفظ خاطر ڳالهين جي حوالي سان سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گ??رج??. هن چيو ته عالمي طاقتن جي مدد سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ بهادري جي علامت آهي خاص طور تي جڏهن اوهان ڏسي رهيا آهيو ته معاملا اوهان جي خواهشن مطابق نه هلي رهيا آهن. گهٻرائڻ بدران اوهان کي ڳالهين ڪرڻ جو حوصلو هئڻ گ??رج??. پوپ فرانسس فوري ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته ٽياڪڙي لاءِ ڪنهن ملڪ کي تلاش ڪرڻ ضروري ناهي. هينئر ڪيترائي ملڪ آهن جيڪي يوڪرين جي جنگ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ گهرن ٿا، ترڪيھ عمل شروع ڪ??ڻ جي آڇ ڪئي آهي، ان کان پهرين ته معاملا اڃا وڌيڪ بگڙجن، ڌرين کي ڳالهين ۾ ڪرڻ گ??رج??.
ترڪيه جي ٽياڪڙي جي آڇ تي يوڪرين ڳالهين لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري: پوپ فرانسس
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری